ڄام سَپڙُ

ڄام سَپڙُ: ڄام سپڙ، لسٻيلي جو مشهور سخي سردار ٿي گذريو آهي، جنهن جي سخاوت تمام گهڻي مشهور هئي ۽ سندس در تان ڪڏهن به ڪو سائل خالي واپس نه ويو. ڄام سپڙ لسٻيلي جي رونجها ڄامن جو فرد هو. ڄام چوٽا کان پوءِ سندس پٽ سَٻڙ ٻيلي جو حاڪم ٿيو. بهادريءَ ۽ سخا ۾ مشهور ٿيو. سنڌ جي اڪثر ڪلاسيڪل شاعرن هن جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي. ميين شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڄام سپڙ کي ڳايو آهي. معمور يوسفاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’ست سورهيه ڏهه ڏاتار‘ ۾ هن کي ڄام سپڙ لکيو آهي. وڌيڪ لکي ٿو ته سپڙ جو ڪردار ايترو ته اهم آهي، جو هن کي سنڌ جي ڏهن ڏاتارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي:
اَبڙو اگهامَن ۾، سَپُڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنهن نه پوريا، جي ٿو ڀَر ُ ڀيلي،
سيد سانوڻ مينهن جيئن، رڃون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَن بورَ بخش ڀٽ-ڌڻي.
(مرزا ممتاز- شاهه جو گنج (جديد صورتخطي) سر بلاول صفحو 474)


هن صفحي کي شيئر ڪريو